آخوند فيض محمد

آخوند فيض محمد: مشھور عالم ۽ شاعر آخوند فيض محمد ولد آخوند فتح محمد فيبروري 1829ع ڌاري روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد وڏو عالم هو. آخوند فيض محمد پنھنجي ڪتاب ”ناله زار“ ۾ پنھنجي خاندان متعلق لکيو آهي ته: پنھنجي والدين کان ٻڌو اٿم ته اسان جو وڏو ڏاڏو يا سڀ کان پھريون بزرگ شيخ دين محمد نالي هڪ نئون مسلمان هو. هو اصل ۾ روهڙي شھر جو هندو هو. هن بزرگ پنھنجي والده سان گڏ اسلام قبول ڪيو، شيخ دين محمد جي يارهين پشت مان آخوند فيض محمد جو ڏاڏو شيخ محمد اڪرم وڏو عالم هو، جنهن جو روهڙيءَ جي مشھور ”خالدي قاضين واري مسجد“ ۾ مدرسو قائم ٿيل هو. آخوند ميان فيض محمد چوڏهن سالن جي عمر ۾ موچڪو ڪم سکيو، جنھن جو ذڪر هن پنھنجي ڪتاب ”ناله زار“ ۾ پڻ ڪيو آهي. اهو دؤر سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن ۽ انگريزن جي وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ جو دؤر هو. هن موچڪي ڪم سکڻ کان پوءِ روهڙيءَ جي هڪ مدرسي ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. عربي، فارسي ۽ ديني علمن سان گڏو گڏ رياضي، نجوم، ابجد، صرف و نحو، تاريخ ۽ جاگرافي وغيره ۾ مھارت حاصل ڪيائين. انھن علمن سان گڏ کيس سنڌي ۽ فارسي، نظم خواه نثر ۾ وڏو عبور حاصل هو. خوش نويسيءَ ۾ ماهر هو. خط نسخ ۽ نستعليق ۾ دسترس حاصل هئس ۽ انگريزي به چـڱي ڄاڻندو هو. تعليم جي حصول کان پوءِ درس وَ تدريس ڏيڻ شروع ڪئي.
6 جولاءِ 1851ع کان هڪ سال تائين روهڙيءَ جي ڀرسان زميندار جانب ڌاريجي جي پٽ، الهڏني ڌاريجي کي مروج سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏيڻ لاءِ وٽس ملازم ٿي رهيو. سال بعد اتان ڇڏي روهڙيءَ جي ڪوٽ مير يعقوب عليءَ ۾ استاد ٿي رهيو. ان بعد جڏهن انگريزن سنڌ ۾ ٽپال کاتي جو سرشتو شروع ڪيو ته پاڻ خانگي نوڪري ڇڏي روهڙيءَ جي پوسٽ آفيس ۾”چالان نويس“ مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي بعد اها نوڪري ڇڏي روهڙيءَ بندر تي ”ناڪي منشي“ مقرر ٿيو. ان دوران انگريز عملدارن سر بارٽل فريئر، ميجر گولڊ اسمٿ ۽ آر-ڪوپر وغيره سان سندس دوستانا تعلقات قائم ٿيا. سر بارٽل فريئر سندس علمي قابليت ڏسي 1885ع ۾ ناڪي منشي تان بدلي ڪري کيس روهڙي شهر جي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪرايو. جتي باقي زندگي علم ڏئي رٽائرڊ ٿيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ روهڙي شھر ۾ مڪتب کوليائين ۽ ڪجهه عرصو سول ڪورٽ جي ڀرسان عريضي نويسيءَ جو ڪم ڪيائين. پاڻ نقشبندي طريقي جي سلسلي سان منسلڪ هو ۽ درگاهه شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي سجاده نشين پير ميان مدد علي شاهه جي هٿ تي بيعت ڪري مريد ٿيو هو. کيس نرينو اولاد ڪو نه هو ۽ هن زال کي به طلاق ڏئي ڇڏي، ان ڪري زندگيءَ جا پويان ڏينھن اڪيلائيءَ ۾ گذاريا. سندس تصنيفن مان ’ناله زار‘ (قلمي) جيڪو فارسيءَ ۾ آهي ۽ ’ڪريما سعدي‘ (قلمي) جيڪو سعديرحه جي ”ڪريما“ جو منظوم ترجمو آهي. ان کانسواءِ سندس قلمي صورت ۾ ڪيترائي سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾شعر ملن ٿا، هن ڪيترن عالمن جي وفات تي قطعه تاريخون چيون. هن 1903ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ آخوند فيض محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو